تازه ترين

حڪومت وٽ نمبر پورا آهن، جڏهن چاهي ترميم ڪري سگهي ٿي : شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته حڪومت وٽ نمبر پورا آهن، جڏهن چاهي ترميم ڪري سگهي ٿي. ٽنڊي ڄام ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مولانا فضل الرحمان سينيئر سياستدان آهي، جيڪو آئيني ترميمن ۾ پنهنجي راءِ شامل ڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته پيپلزپارٽي سڀني کي گڏ کڻي هلندي آهي، مولانا صاحب وٽ ڪو مسودو آهي ته ان کي به شامل ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ترميمون ضرور ٿينديون، نمبر به پورا آهن، مولانا صاحب قابل احترام آهي، اميد آهي مولانا صاحب ترميمن ۾ سندن ساٿ ڏيندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته باني پي ٽي آءِ جيل ۾ ويهي پاڪستان کي ڪمزور ۽ عدليا کي ورهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، هي اهو ئي جيڪو مولانا صاحب لاءِ ڪريل ٻولي استعمال ڪندو هو. هن چيو ته مولانا صاحب چيو هو ته عمران خان اسرائيل جو ايجنٽ آهي، جيڪا اسرار احمد جي ڪتاب ۾ به شايع ٿيل آهي، اسرائيل جي جريدي ۾ به عمران بابت مضمون شايع ٿيو هو،جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته عمران خان پلانٽينڊ ماڻهو هو، جيڪو پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو آهي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته هر سياسي پارٽي آئيني ترميم ۾ تجويزون ڏنيون آهن، پيپلزپارٽي جو مسودو نون ليگ کان الڳ آهي، پيپلزپارٽي چاهي ٿي سڀ اتفاق ڪري شين کي اڳتي کڻي وڃن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيف جسٽس رهيو ته اهو به ۽ جسٽس منصور علي شاهه به کين قبول آهي.. هن چيو ته ارڙهين ترميم وقت نون ليگ نه مڃيندي هئي پر هاڻي اها سمجهي وئي آهي ته آئيني ترميمون ضروري آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
heavy intensity rain
22.6 ° C
22.6 °
22.6 °
49 %
4.6kmh
88 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون