تازه ترين

حڪومت يو اين او جو اعتراض رد ڪندي پي ٽي آءِ بانيءَ جي گرفتاري ۽ ڪيس اندروني معاملو قرار ڏنو

- Advertisement -
حڪومت يو اين او جو اعتراض رد ڪندي پي ٽي آءِ بانيءَ جي گرفتاري ۽ ڪيس اندروني معاملو قرار ڏنو آهي. جنيوا ۾ قائم گڏيل قومن جي صوابديد حراست بابت ورڪنگ گروپ طرفان پي ٽي آءِ بانيءَ جي گرفتاريءَ جي مذمت ۽ ڪيس کي بناجواز قرار ڏيڻ تي حڪومت جو رد عمل  سامهون آيو آهي. قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته پاڪستان خودمختيار رياست آهي جتي عدالتن ذريعي آئين ۽ قانون تي عمل ٿيندو آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي ملڪي آئين ۽ قانون توڙي عالمي اصولن موجب سمورا حق حاصل آهن، هو هڪ سزا ڪاٽيندڙ قيدي طور جيل ۾ آهي. اعظم نذير تارڙ چيو ته ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ بانيءَ کي رليف ملڻ شفاف ۽ منصفاڻي ٽرائل ۽ عدالتي نظام جو ثبوت آهي. قانون واري وزير چيو ته آئين، قانون ۽ عالمي اصولن کان مٿانهون ڪو به مطالبو عدل ۽  اڻڌرائپ جي ابتڙ  آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32.7 ° C
32.7 °
32.7 °
25 %
4.8kmh
4 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون