حڪومت پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي اڄ آئيني ترميمون پيش ڪرڻ جو امڪان آهي

- Advertisement -
حڪومت پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي اڄ آئيني ترميمون پيش ڪرڻ جو امڪان آهي. حڪومت طرفان آئيني ترميمون اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪيون وينديون. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته حڪومت طرفان آئيني ترميمن وارو معاملو انتهائي راز ۾ رکي ويو آهي، ترميمن کي قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ايجنڊا ۾ به شامل نه ڪيو ويندو. ذريعن موجب آئيني ترميمون ايجنڊا کان هٽي اوچتو پيش ڪيون وينديون، ترميمن کي اسيمبلي جي لاڳاپيل عملدارن کان به ڳجهو رکيو ويو آهي. ذريعن موجب قانون واري وزير سميت ٻين وزيرن طرفان اڃا تائين آئيني ترميمون پيش ٿيڻ جي ترديد ڪئي پئي وڃي. آئيني ترميمن ۾ عدليا بابت ترميون به شامل آهن، تجويز ڪيل ترميمن ۾ امڪاني طور 19هين آئيني ترميم ۾ وڌيڪ ترميم به شامل آهي. 19هين ترميم ۾ وڌيڪ ترميم تحت سپريم جڊيشل ڪميشن جا اختيار گهٽ ڪري پارلياماني ڪميٽيءَ کي وڌيڪ بااختيار بڻايو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.7 ° C
22.7 °
22.7 °
31%
1.6m/s
0%
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون