تازه ترين

حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي بابت پ پ کي اعتماد ۾ نه ورتو آهي: مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي بابت پ پ کي اعتماد ۾ نه ورتو آهي، پابندي جي ذميوار تحريڪ انصاف پاڻ آهي. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه  پ پ اڳواڻ مرحوم نذير ڌوڪي جي لاڏاڻي تي سندس  پٽن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سياسي پارٽي تي پابندي نه لڳڻ گهرجي پر پي ٽي آءِ جو ڪردار سياسي ناهي. وڏي وزير چيو ته محرم الحرام دوران سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن، پوليس سان گڏ رينجرز جوانن کي به مقرر ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته نذير ڌوڪي ۽ سندس ڪٽنب ڪيترين ئي پيڙهين کان پ پ سان گڏ رهيا، پ پ پنهنجي ڪارڪنن کي ڏکي وقت ۾ اڪيلو نه ڇڏيندي. جيڪب آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جيڪب آباد ۾ 2015ع دوران آپگهاتي حملو ٿي چڪو آهي جنهن ۾ ڪافي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته دهشتگردي جي خدشي سبب فول پروف سڪيورٽي انتظام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سندس چوڻ هو ته جلسون جي انتظاميه سان ملاقاتون ڪيون ويون آهن، عالمي سڪيورٽي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته سمورن آفيسرن کي امن امان جي صورتحال، ماتمي جلوسن ۽ مجسلن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.2 ° C
29.2 °
29.2 °
34 %
3kmh
0 %
آچر
34 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون