- Advertisement -
سعودي ولي عهد محمد بن سلمان نئين چونڊيل ايراني صدر مسعود پزشڪيان کي فون ڪري اليڪشن ۾ ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي.
سعودي ميڊيا موجب، ٻنهي اڳواڻن ٻن طرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ استحڪام ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ٻنهي اڳواڻن سعودي عرب ۽ ايران وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، اڳواڻن ڳالهه ٻولهه دوران مختلف سحطن تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۾ بهتري جي به واکاڻ ڪئي.
واضع رهي ته هلندڙ مهيني ٿيندڙ اليڪشن جي ٻئي مرحلي ۾ ايران جي نئين صدر ۽ اصلاح پسند اڳواڻ مسعود پزشڪيان هڪ ڪروڙ 63 لک ووٽ کڻي نئون صدر منتخب ٿيو هو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل رجعت پسند سعيد جليلي هڪ ڪروڙ 35 لک ووٽ کڻي سگھيو هو….- Advertisement -
