- Advertisement -
حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين لاءِ قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پنهنجون خدمتون پيش ڪري ڇڏيون، سندس چوڻ آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهين لاءِ سندس آفيس ۽ گهر هر وقت حاضر آهي، حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ وڇوٽيون ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ضروري آهن، سياسي مسئلن سميت ڪنهن به معاملي تي ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ اياز صادق چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن ۾ ڳالهين لاءِ سندس آفيس ۽ گهر هر وقت حاضر آهي.
سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ وڇوٽيون ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ضروري آهن.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق چيو ته سياسي مسئلن سميت ڪنهن به معاملي تي ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي، اڱاري ڏينهن ايوان ۾ ٿيل بحث سٺو سنوڻ هو- Advertisement -
