تازه ترين
راڻا ثناءُ الله فيصل آباد ۾ شهيد حوالدار محمد نويد انصاري جي گهر پهچي سندس گهرڀاتين سان ملاقات نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جو ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ٽيليفون تي رابطو سنڌ سميت ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم رهڻ جو امڪان امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي

سنڌ هائيڪورٽ 2018ع کان گم ٿيل شهري جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ 2018ع کان گم ٿيل شهري جي بازيابي بابت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جاچ آفيسر عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو. جاچ آفيسر جي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسٽس ارشاد حسين خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته گذريل ٻڌڻي تي به جاچ آفيسر پيش نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي، جاچ آفيسر ڪو ڪم نٿو ڪري ۽ نه ئي عدالت ۾ پيش ٿو ٿئي. ٻڌڻي دوران گم ٿيل شهري جي ماءُ عدالت ۾ روئيندي ٻڌايو ته سندس پٽ واجد حسين 2018 کان گلستان جوهر مان گم آهي، جنهن جي ڪا به خبر ناهي پئجي سگهي. ٻڌڻي دوران جسٽس عمر سيال ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اغوا يا گمشدگي جو هر ڪيس سندن حوالي ڪيو ويندو آهي، ڇا اسان پوليس اسٽيشن بند ڪري ڇڏيون. عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي ڪيس ۾ تياري ڪري اچڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.6 ° C
19.6 °
19.6 °
37 %
2.7kmh
0 %
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
34 °

تازه ترين خبرون