- Advertisement -
وفاقي حڪومت مهيني ۾ 200 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمت ۾ واڌ وارو فيصلو واپس وٺڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب مهيني ۾ 200 يونٽ پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ اگهه ۾ واڌ واپس ڪئي ويندي.
وزيراعظم هنگامي بنيادن تي وفاقي ڪابينا کان سرڪيوليشن سمري جي منظوري ورتي.
جولاءِ کان سيپٽمبر 2024 تائين هر مهيني 200 يونٽ استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي رليف ڏنو ويندو.
ذريعن موجب وفاقي حڪومت بجلي جي اگهه ۾ رليف ڏيڻ لاءِ 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏيندي.
وفاقي ڪابينا بجلي جي في يونٽ بنيادي اگهه ۾ 7 رپيا 12 پئسن تائين بجلي جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي.
ان کان اڳ ڪابينا 200 يونٽ تائين پروٽيڪٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ واڌ جي منظوري ڏني هئي.
ذريعن موجب هڪ کان 100 يونٽن تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي جي اگهه ۾ 3 ڏهائي 95 رپيا واڌ جي منظوري ڏني وئي هئي.
ذريعن موجب 101 کان 200 يونٽن تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جي بجلي اگهه ۾ 4 ڏهائي 10 رپيا واڌ منظور ڪئي وئي هئي.
ذريعن موجب هڪ کان 100 يونٽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن لاءِ بجلي اگهه ۾ 7 ڏهائي 11 رپيا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏني وئي هئي.
ذريعن موجب 101 کان 200 يونٽ نان پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جي لاءِ بجلي اگهن ۾ 7 ڏهائي 12 رپيا واڌ منظور ڪئي وئي هئي.
بجلي جي بنيادي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز پهرين جولاءِ 2024ع کان لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي هئي.
مهيني ۾ 50 يونٽن تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ اگهه ۾ 3 ڏهائي 95 رپيا برقرار رهندو.
مهيني ۾ 51 کان 100 يونٽن تائين لائف لائن واهپيدارن لاءِ في يونٽ اگهه 7 ڏهائي 74 رپيا برقرار رهندو.- Advertisement -
