- Advertisement -
خاتونِ اول ۽ پ پ ايم اين آصفه ڀٽو زرداري پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري جنگ ۾ متحد ٿيڻ جي اپيل ڪئي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ آصفه ڀٽو زرداري چيو ته رڳو 2024ع ۾ پوليو جي 39 تصديق ٿيل ڪيسن ۽ 402 هاڪاري ماحولياتي نمونن جي تصديق ٿي آهي.
هن چيو ته ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان پوليو ٻارن جي مستقبل لاءِ سنگين خطرو بڻيل آهي، ان ڪري ٻارن کي پوليو جي ويڪسين ۽ ڦڙا پياريا وڃن.
آصفه ڀٽو زرداري چيو ته پوليو خلاف سندن جنگ ڊگهي عرصي کان جاري آهي، گڏيل ڪوششن سان ئي پوليو جهڙي مرض کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.
هن چيوته بلوچستان، سنڌ ۽ خيبر پختونخوا جهڙن علائقن ۾ پوليو وائرس ٻيهر ڪر کنيو آهي، ان جي جواب ۾ حڪومت ويڪسينيشن واري مهم وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن جو مقصد پوليو جي پکيڙ روڪڻ ۽ پنجن ورهين کان گهٽ عمر جي لکين ٻارن جي زندگين جي حفاظت ڪرڻ آهي.
آصفه ڀٽو زرداري، پوليو ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي اڻٿڪ ڪوششن جي تعريف پڻ ڪئي.- Advertisement -
