تازه ترين

خارجي فتني پاڪستان سميت دنيا لاءِ خطرو آهن:منير اڪرم

- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته خارجي فتني پاڪستان سميت دنيا لاءِ خطرو آهن، خارجي فتني ۽ القائده جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا آهن، عالمي برادري خارجي فتني ۽ داعش خلاف سخت ڪارروائي ڪري، افغان حڪومت کي سمجهڻو پوندو ته دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ کانسواءِ امن قائم نٿو ٿي سگهي، دهشتگرد افغانستان تي به قبضو ڪري سگهن ٿا، دهشتگرد تنظيمن خلاف سياسي سطح تي اجتماعي طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي. هڪ انٽرويو دوران منير اڪرم چيو ته خارجي فتني پاڪستان سميت دنيا لاءِ خطرو آهن، خارجي فتني ۽ القائده جا هڪ ٻئي سان لاڳاپا آهن. سندس چوڻ هو ته عالمي برادري خارجي فتني ۽ داعش خلاف سخت ڪارروائي ڪري، افغان حڪومت کي سمجهڻو پوندو ته دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ کانسواءِ امن قائم نٿو ٿي سگهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو ته دهشتگرد افغانستان تي به قبضو ڪري سگهن ٿا، دهشتگرد تنظيمن خلاف سياسي سطح تي اجتماعي طور تي ڪارروائي ڪئي وڃي. افغان عبوري حڪومت بابت منير اڪرم چيو ته افغان حڪومت کي سمجهائڻ چاهن ٿا ته دهشتگردي جو مسئلو حل ٿيڻ تائين افغانين جا پرڏيهي ملڪن سان لاڳاپا نارمل نه ٿيندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
36 %
5.6kmh
19 %
خميس
27 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
34 °

تازه ترين خبرون