- Advertisement -
خانواهڻ ۾ هٿياربندن پوليس اهلڪار کان سرڪاري هٿيار ڦر ڪري مزاحمت تي گوليون هڻي کيس زخمي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڦورو مارجي ۽ هڪ زخمي ٿي پيو آهي.
تنيا بقا شاهه لنڪ روڊ تي ڊيوٽي تان واپس ايندڙ خانواهڻ ٿاڻي جي پوليس اهلڪار روشن علي چنه کي ٽن هٿياربندن هٿيارن جي زور تي روڪي جي ٿري ڦر ڪري مزاحمت تي کيس گوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.
اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪار روشن علي چنه کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو.
ديھات لنڪ روڊ تي پوليس مبينا مقابلي دوران ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڦورن جي غلام حسين پٽ غلام نبي خشڪ ۽ ابراھيم پٽ واحد بخش خشڪ طور سڃاڻپ ٿي، جن کي علاج لاءِ تعلقي اسپتال ڪنڊيارو منتقل ڪيو ويو.
زخمي ڏوهارين کي وڌيڪ علاج لاءِ نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ابراهيم خشڪ زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو.
ايس ايس پي نوشهروفيروز سهائي عزيز ٽالپر جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري ايڪٽو ڏوهاري هئا جن مان هڪ ڏوهاري ابراهيم خشڪ نوابشاهه جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو آهي.
رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي ڪنڊيارو ٻڌايو ته ديھات لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو جنھن ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گھربل ٻن ڏوھارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جن مان هڪ اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو.
ڊي ايس پي موجب، گرفتار جوابدارن وٽان پوليس اھلڪار روشن علي چنا کان ڦر ٿيل سرڪاري جي ٿري رائيفل، موٽرسائيڪل ۽ پسٽل هٿ ڪيو ويو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
