تازه ترين

خانپور: ايس ايڇ او ڪوٽ شاهو سميت 5 اهلڪار اغوا

- Advertisement -
خانپور جي ڪچي واري علائقي مان هٿياربند،  ايس ايڇ او سميت 5 اهلڪارن کي اغوا ڪري ويا آهن. هٿياربند ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي حملو ڪري ايس ايڇ او محبوب علي بروهي، سندس پٽ محمد علي بروهي، وڏي منشي نسيم گوپانگ، اهلڪارن جان محمد بکراڻي ۽  اياز علي ڪنڀر کي اغوا ڪري ويا. اهلڪارن جي اغوا واري خبر کانپوءِ پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو. ڊي ايس پي خانپور جو چوڻ آهي ته رات دير سان هٿياربند ڪوٽ شاهو ٿاڻي تي ڪاهه ڪري ايس ايڇ او ، سندس پٽ، وڏي منشي ۽ ٻن اهلڪار کي اغوا ڪري سرڪاري هٿيار به کڻي فرار ٿي ويا آهن. ڪوٽ شاهو ٿاڻي تان ايس ايڇ او پٽ ۽ 3 اهلڪارن سميت اغوا ٿيڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور واقعي واري هنڌ پهچي ويو. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته سکر پوليس ڏوهاري مهر دوداڻي کي ساٿي سميت گرفتار  ڪرڻ جي پلاند ۾ ڌاڙيلن اهڙي ڪارروائي ڪئي. ذريعن موجب مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ راڄوڻي طور ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
9 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
scattered clouds
32.1 ° C
32.1 °
32.1 °
13 %
1.9kmh
49 %
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون