تازه ترين

خانگي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم ڏني پئي وڃي,شمس الدين لغاري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ٺري ميرواھه تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ايلمنٽري ۽ ھائر سيڪنڊري شمس الدين لغاري چيو آهي ته خانگي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم ڏني پئي وڃي، والدين پنھنجا ٻارڙا سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن جتي مفت ڪتاب ڏنا پيا وڃن ۽ ھن وقت ھر اسڪول ۾ ھوشيار ۽ ڪميشن پاس استادن ٻارن کي پڙھائي رھيا آھن.

ٺري ميرواھه تعلقي ايجوڪيشن آفيسر ايلمنٽري ۽ ھائير سيڪنڊري شمس الدين لغاري مختلف اسڪولن گورنمنٽ ايلمنٽري اسڪول ھنڊياري، شاھه محمد لغاري  گورنمنٽ ھاءِ اسڪول مٽ ۽ ٻين اسڪولن جو دورو ڪري  ڪلاسن جو معائنو ڪيو.

شمس الدين لغاري اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين کان ڪورس بابت سوال پڇيا ڪيا.

 ٽي اي او شمس الدين لغاري استادن،  شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪارڪردگي جي ساراھه ڪندي چيو ته خانگي اسڪولن جي ڀيٽ ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ معياري تعليم ڏني پئي وڃي.

هن چيو ته والدين پنھنجا ٻارڙا سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرائن جتي مفت ڪتاب ڏنا پيا وڃن.

ٽي اي او شمس الدين لغاري چيو ته ھن وقت ھر اسڪول ۾ ھوشيار ۽ ڪميشن پاس استادن ٻارن کي پڙھائي رھيا آھن، سرڪاري اسڪول پڙھائي جي لحاظ کان معيار ھر طرح سان بھتر آھي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
35.6 ° C
35.6 °
35.6 °
6 %
3.5kmh
13 %
اڱارو
36 °
اربع
35 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون