ايراني هٿياربند فوجن جي چيف آف اسٽاف علي عبداللهي چيو آهي ته خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ سان هو ايراني فوج جي پهچ کان ٻاهر نه ٿي سگهندا.
ايراني هٿياربند فوجن جي چيف آف اسٽاف ۽ خاتم الانبيا مرڪزي هيڊڪوارٽرز جي ڪمانڊر علي عبداللهي بَسيج تنظيم جي سربراهه سان ملاقات دوران چيو ته جنگ ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي سخت نقصان پهتو، جنهن سبب انهن جو وڏو حصو غيرفعال ٿي ويو هو.
علي عبداللهي موجب، ڪجهه فوجي اڏا اڃا تائين پنهنجي اڳوڻي آپريشنل حالت ۾ بحال ناهن ٿي سگهيا، آمريڪا پنهنجا فوجي اڏا خطي ۾ وڌيڪ پري وارن هنڌن تي منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي پر اهي اڏا جتي به هوندا ضرورت پوڻ تي ايراني هٿياربند فوج جي پهچ ۾ هوندا.
ايراني فوجي ڪمانڊر دعويٰ ڪئي ته اسلامي جمهوريه ايران سمنڊ ۾ پنهنجا گهربل هدف نشانو بڻائڻ ۽ مخالف ڌر کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا کي ايران جي حقن ۽ مفادن جو احترام ڪرڻ سان گڏ پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو…
خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن کي ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ سان هو ايراني فوج جي پهچ کان ٻاهر نه ٿي سگهندا : علي عبداللهي
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19.5
°
C
19.5
°
19.5
°
14%
2.5m/s
0%
اربع
18
°
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°


