- Advertisement -
امريڪي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو آهي ته خطي ۾ وڏي جنگ نٿا چاهين پر جيڪو ڪرڻو آهي اهو مناسب وقت ڪندا.
امريڪا جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي چيو ته آمريڪي فوجين تي حملو ڇڪتاڻ وڌائڻ لاءِ هو، هو ايراني حڪومت سان فوجي تڪرار نٿا چاهين، پنهنجي شيڊول، وقت ۽ طريقي موجب جواب ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته صدر بائيڊن قومي سلامتي ٽيم جي مشاورت سان صورتحال جو جائزو وٺي رهيو آهي.
جان ڪربي چيو ته هن چيو ته اسرائيلي قيدين جي آزادي جي معاهدي لاءِ ڳالهيون جاري آهن جڏهن ته قيدين جي ڊيل لاءِ گھڻو ڪم ڪرڻو آهي.
ٻئي طرف امريڪا جي بچاءَ واري وزير لائيڊ آسٽن جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي فوجين جي حفاظت لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا.
پنهنجي بيان ۾ لائيڊ آسٽن جو چوڻ هو ته صدر بائيڊن واضع ڪيو آهي ته آمريڪي فورسز تي حملا برداشت نه ڪندا.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ اردن ۾ آمريڪي فوج جي بيس تي ڊرون حملي ۾ 3 آمريڪي فوجي مارجي ويا ۽ 30 کان وڌيڪ آمريڪي فوجي زخمي ٿي پيا هئا.- Advertisement -
