تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

خواجه آصف دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن تي ڪي پي حڪومت خلاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
بچاءَ واري وزير خواجه آصف دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن تي ڪي پي حڪومت خلاف جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته دهشتگردي جي وڌندڙ واقعن تي ڪي پي حڪومت خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان فرنٽ لائن تي وڙهي رهيو  آهي،  هڪ دهشتگرد  کي آمريڪا حوالي ڪيو ويو ته ڇا ٿي پيو؟. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان فرنٽ لائن تي وڙهي رهيو آهي، دهشتگردي خلاف جنگ هنن شروع ڪئي هئي، مشرف دهشتگردي خلاف جنگ نه ڪئي هئي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا دهشتگردي جي نالي تي عراق، لبيا ۽ افغانستان ۾ جنگ وڙهي، هو سڀ کان وڌيڪ دهشتگردي جو شڪار ٿيا، جيڪڏهن هنن هڪ دهشتگرد  کي آمريڪا حوالي ڪيو ويو ته ڇا ٿي پيو؟. بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته افغانستان ۾ آمريڪا هٿيار ڇڏيا هئا، هاڻي آمريڪا جيڪڏهن جديد هٿيار واپس وٺي رهيو آهي ته سٺي ڳالهه آهي، آمريڪي هٿيارن سان دهشتگردي ۾ اضافو ٿيو آهي. هن ملڪي سياسي صورتحال بابت ڳالهائيندي چيو ته سياسي مخالفن مفاهمت جي ڪابه ڳالهه ڪئي؟، ٽي، چار ڀيرا اهي وفاق تي حملا ڪري چڪا آهن ۽ عيد کانپوءِ ٻيهر حملي جو چئي رهيا آهن، هاڻي مفاهمت بدران مزاحمت جي سياست ٿيندي. بچاءَ واري وزير چيو ته ڪي پي حڪومت دهشتگردي خلاف جنگ جو ڍير پاڻ کڻي، پارا چنار جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، اهي ته سندس انتظام هيٺ ناهن. خواجا آصف چيو ته جنرل باجوه، تحريڪ انصاف باني ۽ جنرل فيض طالبان کي پاڪستان ۾ ترسائڻ جو فيصلو ڪيو، اهو ٽنهي جو گڏيل فيصلو هو، اسيمبليءَ جي ڪارروائي ۾ سندس موقف موجود آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
25.6 ° C
25.6 °
25.6 °
12 %
5.9kmh
40 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون