تازه ترين

خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ کي علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ ملي وئي

- Advertisement -
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊيءَ کي علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ ملي وئي آهي. گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي کي اڄ علي امن گنڊاپور جي استعيفيٰ ملي وئي، جنهن کي وڏي وزير جو خاص مددگار برگيڊيئر رٽائرڊ مصدق عباسي گورنر هائوس پهچايو. مصدق عباسيءَ علي امين گنڊاپور جي استعيفيٰ گورنر هائوس جي ڪيئرٽيڪر حوالي ڪيو ۽ وصولي جي رسيد به ورتي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي ڪي پي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اڍائي وڳي وڏي وزير علي امن گنڊاپور جي هٿ سان لکيل استعيفيٰ ملي آهي، جنهن تي يارهن آڪٽوبر جي تاريخ لکيل آهي، استعيفيٰ جي جاچ  ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بعد ان تي عمل ٿيندو. هن چيو ته سندس قانوني ٽيم استعيفيٰ جو قانوني ۽ آئيني نقطن طور جائزو وٺندي جنهن بعد آئين توڙي قانون موجب فيصلو ڪيو ويندو. علي امين جي استعيفيٰ ۾ لکيو ويو ته تصديق ٿو ڪريان ته وڏي وزير طور استعيفيٰ ڏني ۽ وفاداريءَ جي بنياد تي استعيفيٰ ڏني آهي……………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
24 %
3.3kmh
1 %
آچر
27 °
سُومر
32 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون