- Advertisement -
خيرپور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پيراڻي حويلي ۾ قتل ڪيل نينگري فاطمه ڦرڙو ڪيس جي ٻڌڻي 26 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ نينگري فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
پوليس قتل ڪيس جي چئني جوابدارن پير فياض شاهه، پير اسد شاهه، بي بي حنا شاهه ۽ امتياز ميراثي کي دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو.
ٻڌڻي دوران فريادي ڌر ۽ سندن وڪيل، اڳوڻو ايس ايڇ او امير چانگ ۽ جاچ آفيسر ڊي ايس پي عبدالقدوس ڪلوڙ عدالت ۾ پيش نه ٿيا.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي لاڳاپيل سڀني ڌرين کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 26 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
