- Advertisement -
خيرپور جي شاهه لطيف يونيورسٽيءَ جي ملازمن ۽ آفيسرن پاران چوٿين ڏينهن به وي سي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
يونيورسٽي ملازمن حاڪم علي ڦلپوٽو، سيد منير شاهه راشدي، اختيار گهمرو، يونس ڦلپوٽ، عبدالوحيد سانگري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري وي سي خلاف نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته وي سي جي غير اخلاقي وڊيو جو نوٽيس نه وٺڻ افسوس جوڳو عمل آهي، نگران حڪومت جي وي سي واري معاملي تي خاموشي سمجهه کان ٻاهر آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته وي سي کي عهدي تان هٽائي سندس وائرل ٿيل غير اخلاقي ويڊيو جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي.- Advertisement -
