خيرپور پوليس ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

spot_img
خيرپور پوليس ٽن ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل هڪ پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايس پي خيرپور توحيد الرحمان ميمڻ جو چوڻ هو ته حاتم ڪانڌڙو، شڪيل ڪانڌڙو ۽ غلام اڪبر ڪانڌڙو جي قتل ۾ ملوث مک جوابدار  ليمون خان جلباڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هن چيو ته گرفتار جوابدار خلاف اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري سندس قبضي مان واردات ۾ استعمال ڪيل پسٽل ۽ گوليون به هٿ ڪيون ويون آهن. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ٽنهي ڄڻن جي قتل ڪيس ۾ اي سيڪشن پوليس ٻن جوابدارن وقار جاگيراڻي ۽ شهزادو جاگيراڻي کي گرفتار ڪيو هو، جن پڻ ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو. 20 ڏينهن اڳ سيشن ڪورٽ ٻاهران حاتم ڪانڌڙو، شڪيل ڪانڌڙو ۽ غلام اڪبر ڪانڌڙو کي قتل ڪيو ويو هو….

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.1 ° C
15.1 °
15.1 °
17%
0.7m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون