تازه ترين

دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي اڳوڻي وي سي جي دور ۾ ٿيل سموريون ڀرتيون جعلي ۽ غير قانوني قرار

- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي پاران جاچ نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست بعد اينٽي ڪرپشن کاتي وي سي دائود يونيورسٽي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. دائود يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ اڳوڻي وي سي جي دور ۾ 18 گريڊ جي آفيسرن جي غير قانوني ڀرتين وارو معاملي جي ٻڌڻي ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ دائود يونيورسٽي جي وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ثمرين حسين، اڳوڻي وي سي فيض الله عباسي جي دور ۾ ٿيل ڀرتين بابت اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم کي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو. وي سي پاران اڳوڻي وي سي جي دور ۾ ڄاڻايل سموريون ڀرتيون جعلي ۽ غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيون. وي سي جواب ۾ انڪشاف ڪندي چيو آهي ته 15 مئي 2014ع کان يونيورسٽي ۾ پهرين کان 18 هين گريڊ تائين ٿيل ڀرتين لاءِ اشتهار، سليڪشن بورڊ، سنڊيڪيٽ ميٽنگ ۽ انٽرويو ڪالز جو ڪو به رڪارڊ موجود ناهي. دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي طرفان وي سي جي اينٽي ڪرپشن کي جوابي خط ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ايڇ اي سي جو قانون آهي ته ڪنهن به ملازم کي ڀرتي ڪرڻ لاءِ اخبار ۾ اشتهار ۽ سليڪشن ڪميٽي جي منظوري ضروري هوندي آهي، اڳوڻي وي سي ڀرتين لاءِ ڪابه منظوري نه ورتي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اينٽي ڪرپشن کاتي خلاف درخواست داخل ٿيڻ بعد اينٽي ڪرپشن کاتي فوري نوٽيس وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
26 %
3.2kmh
0 %
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °

تازه ترين خبرون