- Advertisement -
دادو ۾ ناڻي آفيس تي ھٿياربندن جي حملي جو ٽن جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ناڻي آفيسر الطاف حسين منگي جي فرياد تي جوابدار عبدالخالق ٻٻر ۽ ٻن اڻ ڄاتلن سميت 3 جوابدارن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ناڻي آفيسر موقف اختيار ڪيو آهي ته تعليم کاتي جو ملازم سڏائيندڙ جوابدار عبدالخالق ٻٻر سندس بند پيل پگھار کولڻ لاءِ چيو، جنهن تي کيس ٻڌايو ويو ته تعليم کاتي ليٽر لکيو آھي جنھن ۾ چيو ويو آهي ته توھان کاتي جا ملازم نه آهيو.
سندس چوڻ هو ته جوابدار کي پگھار جاري نه ڪرڻ جو جواز ٻڌايو ته جوابدار ساٿين سميت حملو ڪيو، رڙين تي آفيس جي عملي پھچي ڇڏائي ورتو.
ناڻي آفيسر جو چوڻ هو ته جوابدارن ناڻي آفيس ۾ ھٿيار کڻي اچي حملو ڪيو ۽ موت مار ڌمڪيون پڻ ڏنيون آهن.- Advertisement -
