دادو پوليس بدين واسي نوجوان ٽڪ ٽاڪر سان مبينا جنسي ڏاڍائي ۽ وڊيو وائرل ڪرڻ جي ڪيس ۾ ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
بدين واسي زبير شاهه سان مبينا بدفعلي جي وڊيو وائرل ۽ سندس وڊيو بيان سوشل ميڊيا تي اچڻ بعد ايس ايس پي دادو شبير احمد سيٺار نوٽيس ورتو.
ايس ايس پي دادو جي حڪمن بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيم قائم جوڙي وئي.
خاص ٽيم ڪارروائي ڪري بدين واسي نوجوان سان مبينا بدفعلي ڪندڙ ٽن ڄڻن اياز عرف علي کوسو، فياض لغاري ۽ اياز لغاري کي گرفتار ڪري ڪري ورتو.
ايس ايس پي دادو شبير احمد سيٺار چيو ته نوجوان سان بدفعلي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، واقعي بابت اڻڌري جاچ ڪري جوابدارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.


