- Advertisement -
دادو پوليس ٻه هفتا اڳ انڊس هاءِ وي تان مسافر ڪوچ مان لکين رپيا ڦر لٽ ڪندڙ چئن جوابدارن کان گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي.
ايس ايس پي دادو جي جوڙيل خصوصي ٽيم لاڙڪاڻي کان ڪراچي ويندڙ مسافر ڪوچ مان لکين رپيا ڦر ڪندڙ ڦورو ٽولي جي چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.
ايس ايس پي دادو شبير احمد سيٺار چيو تھ گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان ڦر ڪيل رقم ۽ سامان هٿ ڪيو آھي.
ايس ايس پي دادو چيو تھ پوليس مقابلي ۾ گرفتار ڪيل سليم عرف ڪاري کوکر ۽ سليم جمالي جي نشاندھي تي جوابدار خالد سولنگي ۽ حميد جمالي کي گرفتار ڪيو.
ايس ايس پي دادو شبير احمد سيٺار جو چوڻ ھو تھ گرفتار ڦورن جي سهولتڪارن جي نشاندهي ٿي وئي آهي، جلد انهن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو- Advertisement -
