- Advertisement -
دادو ۾ تيز رفتار ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو.
دادو- مورو روڊ تي حادثي ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو ۽ عورتن ٻارڙن سميت 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
زخمين ۾شبير، سندس گھر واري مسمات نصرت ۽ سندن 5 سالن جو پٽ لطف علي ۽ 3 سالن جي ڌي شامل آهن.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي نوجوان جو مڙهه ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيل نوجوان جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.- Advertisement -
