دادو ۾ سول اسپتال انتظاميا جي مبينا لاپرواهي سبب نينگري فوت ٿي وئي

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

دادو ۾ سول اسپتال انتظاميا جي مبينا لاپرواهي سبب نينگري فوت ٿي وئي جڏهن ته وارثن طرفان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آچر ڏينهن 12 ورهين جي آمنه ڌيءَ ستار لنڊ کي دل جي تڪليف سبب سول اسپتال داخل ڪرايو ويو هو.

رات دير سان نينگري جي حالت خراب ٿيڻ تي اسپتال انتظاميا آمنا کي ڪنهن ٻي اسپتال ريفر ڪرڻ بدران مبينا طور ڪڍي ڇڏيو.

نينگري رستي ۾ ماءُ جي هنج ۾ دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته وارثن پاران سول اسپتال انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نينگري جي والد عبدالستار لنڊ چيو ته آچر ڏينهن هو ڪاڇي جي علائقي مست ڪيهر شاهه مان نينگري کي طبيعت خراب ٿيڻ تي سول اسپتال کڻي آيا ايمرجنسي وارڊ مان دل واري واڊ کڻائي ويا جتي ڊاڪٽر موجود نه هو ته واپس ايمرجنسي وارڊ کڻي آيا.

هن الزام هڻندي چيو ته رات دير سان نينگري جي حالت خراب ٿي وئي ته اسپتال انتظاميا ٻي اسپتال ريفر ڪري ايمبولينس ڏيڻ بدران ڪڍي ڇڏيو .

سندس چوڻ هو ته اسپتال انتظاميا جي غفلت سبب نينگري فوت ٿي آهي.

نينگري جي والد اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته سول اسپتال انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
24%
1.5m/s
5%
سُومر
14 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون