دادو ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نينگر جي فوت ٿيڻ وارو معاملو نئون رخ اختيار ڪري ويو محمد قاسم عمراڻي کي جنھن پسٽل جي گولي لڳي اھو پسٽل سندس چاچي جي ھئڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.
نينگر محمد قاسم جي امڙ زاھدا عمراڻي انصاف لاءِ ايس ايس پي آفيس پھچي وئي ڏير تي پٽ کي قتل ڪرڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو.
نينگر جي امڙ جو چوڻ آهي ته سندس پٽ قاسم عمراڻي کي ڏير غلام مصطفيٰ عمراڻي قتل ڪيو آهي.
ھن چيو تھ سندس مڙس غلام مرتضيٰ پنھنجي ڀاءُ کي بچائڻ لاءِ ھڪ بيگناھھ تي اتفاقي گولي ڇٽڻ جو ڪيس داخل ڪرايو آھي.
زاھدا عمراڻي چيو تھ مڙس ۽ خدا آباد پوليس پٽ جو خوف لوڙھڻ چاھن ٿا، ڪيس ۾ کيس فريادي نھ ڪيو ويو ٿاڻي تي فريادي ٿيڻ لاءِ وڃڻ چاھيو تھ مڙس ۽ ٻين گھرڀاتين قيد ڪري تشدد جو نشانو بڻايو.
ھن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ پٽ جي قتل ڪيس ۾ ڏير غلام مصطفيٰ عمراڻي کي شامل ڪندي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
ايس ايس پي دادو معاملي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي سٽي ۽ ڊي ايس پي ايڊمن تي ٻڌل ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي.
ايس ايس پي دادو شبير احمد سيٺار چيو تھ نينگر جو خون رائيگان نھ ويندو اصل قاتل ڪير بھ ھجي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو……….
