- Advertisement -
دادو ۾ ڪوٽڙيءَ ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل ٻارڙي آسيه هزاره جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ٻارن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ چائلڊ رائيٽس ڪاميٽي جي سڏ تي ساجد مستوئي، شير احمد سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته نينگري جي گمشدگي رپورٽ پوليس داخل ڪئي پر معصوم نياڻي جي ڳولا لاءِ ڪي به قدم نه کنيا.
مظاهرين چيو ته ڪوٽڙي پوليس جي مجرماڻي ڪوتاهي سبب پورهيت لياقت هزاره کي پنهنجي معصوم نياڻي جو لاش مليو.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي مقتول نينگري جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي….- Advertisement -
