- Advertisement -
درياخان مري ويجهو پوليس پاران ٽرڪن کي روڪڻ جي ڪوشش دوران ڊرائيورن ۽ پوليس اهلڪارن پاران هڪٻئي کي سخت ڪٽڪو ڏنو ويو، جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي آهي.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ ڪوٽ لالو پوليس اهلڪارن ۽ ٽرڪ ڊرائيورن ۾ ٿيل جهڙپن دوران هڪٻئي کي سخت ڪُٽڪو ڏنو پيو وڃي.
واضح رهي ته مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي وڏين گاڏين جي گذرڻ تي پابندي باوجود ڪوٽ لالو پوليس پاران مبينا طور ٽرڪ ڊرائيورن کان پئسا وٺي ڇڏڻ تي ڊرائيورن ۽ پوليس ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي، جنهن بعد اهلڪارن ۽ ڊرائيورن پاران هڪٻئي تي حملا ڪيا ويا.- Advertisement -
