تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دنيا تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، موسمياتي تبديلي وڏو چئلينج آهي : سيد مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته دنيا تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، موسمياتي تبديلي وڏو چئلينج آهي،  ٽيڪنالاجي  ذريعي ترقي جا نوان رستا کلي ويا آهن،  نوجوانن کي فيصلا ڪرڻ جو هنر سکڻو پوندو، جيڪڏهن ٽيڪنالاجي تربيت حاصل نه ڪئي وئي ته دنيا کان پوئتي رهجي ويندا. ڪراچيءَ ۾ تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته اڄ هتي ڪامياب آفيسرن کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي، هو ٻئي سينيئر مينجمينٽ ڪورس جي ڪاميابي تي شرڪت ڪندڙن کي مبارڪ ڏين ٿا. سندس چوڻ هو ته سينيئر مينجمينٽ ڪورس حڪمراني جي بدلجندڙ چئلينجن لاءِ ضروري آهي، پيشواراڻي صلاحيتن ۾ اضافي لاءِ تربيتي پروگرام اهم آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ گورننس جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ هاڪاري قيادت ضروري آهي، شفاف ۽ بهتر حڪمراني ڪنهن به ترقي يافته معاشري جو بنياد آهي، هي قدم سول سروس جي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ طرف اهم قدم آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سول سروسز اڪيڊمي قائم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کنيا ويندا، سنڌ جو عوام هڪ قابل، ديانتدار ۽ عوامي ڀلائي لاءِ وقف سول سروس جو منتظر آهي، وسيلن جو دانشمنداڻو استعمال ۽ عوامي مفاد ۾ فيصلا ترجيح هئڻ گهرجن. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ٽريننگ ميجمنٽ اينڊ ريسرچ پنگ جو نئين آفيس ۽ جديد تربيتي سهولتن جو افتتاح اهم ڪاميابي آهي، ٽي ايم آر ونگ لاءِ جڳهه مختص ڪرڻ تي چيف سيڪريٽري جا ٿورائتا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته هو تيزي سان تبديلي جي دور ۾ رهن پيا، جتي حڪمراني تيزي سان مونجهاري جو شڪار ٿيندي پئي وڃي، موسمياتي تبديلي ۽ معاشي غير يقيني صورتحال سبب حڪومت جو ڪردار وڌيڪ چيلجنگ ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته دنيا تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي، موسمياتي تبديلي وڏو چئلينج آهي،  ٽيڪنالاجي  ذريعي ترقي جا نوان رستا کلي ويا آهن. سيد مراد علي شاهه چيو ته  نوجوانن کي فيصلا ڪرڻ جو هنر سکڻو پوندو، جيڪڏهن ٽيڪنالاجي تربيت حاصل نه ڪئي وئي ته دنيا کان پوئتي رهجي ويندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
13 %
2.3kmh
4 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °

تازه ترين خبرون