تازه ترين

دهشتگردن جا ارادا ناڪام بڻائڻ لاءِ  دهشتگردي جي موقف کي شڪست ڏيڻي پوندي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته دهشتگردن جا ارادا ناڪام بڻائڻ لاءِ  دهشتگردي جي موقف کي شڪست ڏيڻي پوندي، صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هيٺين سطح تائين  سياسي عمل ضروري آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان جي ٻن ڏينهن جي ڪوئيٽا پهتو، جتي وڏي وزير  سرفراز بگٽي، صوبائي وزيرن ۽ پ پ عهديدارن  سندس آجيان ڪئي. بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ڪوئيٽا ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾  وڏي وزير کيس بريفنگ ڏني. پ پ چيئرمين کي ٻڌايو ويو ته بلوچستان جي تعليم لاءِ 300 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صحت جي بجيٽ 129 سيڪڙو وڌائي وئي آهي، صوبي ۾ 30 هزار  کان وڌيڪ زرعي ٽيوب ويل سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ  ڪم شروع ڪيو ويو آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته يوٿ اسڪلز ڊولپمينٽ پروگرام تحت ٻن ورهين ۾ 30 هزار نوجوانن تربيت فراهم ڪئي ويندي، جڏهن ته پي ايڇ ڊي ڪندڙ نوجوانن کي  صوبائي حڪومت اسڪالرشپ ڏيندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردن جا ارادا ناڪام بڻائڻ لاءِ  دهشتگردي جي موقف کي شڪست ڏيڻي پوندي، صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ هيٺين سطح تائين  سياسي عمل ضروري آهي. هن چيو ته بلوچستان ۾ پهرين يوٿ پاليسي سٺو سنوڻ آهي، پر ان تي عمل ضروري آهي ته جيئن نوجوانن کي وڌ کان وڌ موقعا ملي سگهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بلوچستان ۾ سنڌ جيان صحت جي منصوبن کي فوري طور مڪمل ڪيو وڃي ۽ گهرن جي اڏاوت وارو ڪم به تيز ڪيو وڃي. پ پ چيئرمين هدايت ڪئي ته گوادر کان سبي ۽ جعفرآباد تائين سموري بلوچستان جي انفرااسٽرڪچر جي بهتري لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن. ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري ۽ سرفراز بگٽيءَ وچ ۾ ملاقات وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿي، جنهن دوران پ پ چيئرمين وڏي وزير کان بلوچستان جي عوام جي ڀلائي ۽ ترقي جي منصوبن بابت بريفنگ ڏني…..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
11 %
3.1kmh
2 %
اربع
36 °
خميس
36 °
جمعو
34 °
ڇنڇر
31 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون