تازه ترين

دهشتگرديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن: اسحاق ڊار

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته دهشتگرديءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، جلد ملڪ مان دهشتگردي جي پاڙ پٽي ڇڏيندا، پي ٽي آءِ حڪومت کي بي اعتمادي رٿ ذريعي جمهوري نموني گهر ڀيڙو ڪيو ويو، وزيراعظم شهباز شريف ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. لنڊن ۾ بچاءَ واري ڏهاڙي بابت تقريب کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني قوم جو سرمايو آهن، سمورا سمنڊ پار پاڪستاني ملڪ جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سندس چوڻ هو ته وزيراعظم ڏکي وقت ۾ ملڪ جون واڳون سنڀاليون، شهباز شريف ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، تمام جلد پاڪستان خوشحال ملڪ بڻجندو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ملڪي معيشيت هاڪاري رخ ۾ هلي رهي آهي، ملڪ جي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ماضي ۾ هاڪاري رخ ۾ ويندڙ معيشيت کي ناڪاري رخ طرف موڙيو ويو. هن چيو ته نواز شريف جي پاليسين سبب ملڪي معيشيت مضبوط ٿي، نواز شريف ئي ملڪ ۾ ترقياتي منصوبن جو ڄار وڇايو، نواز شريف جي حڪومت ۾ پاڪستان دنيا جي 24هين معيشيت بڻجي چڪو هو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته نواز شريف جي حڪومت ۾ ملڪ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي هئي، بلوچستان جي امن کي تباهه ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، تحريڪ انصاف دور ۾ دهشتگردن کي ملڪ ۾ آباد ڪيو ويو. نائب وزيراعظم چيو ته دهشگردن اسڪولن کي نشانو بڻايو، ٻارڙن کي شهيد ڪيو، ملڪ مان دهشتگردي کي هر صورت ۾ ختم ڪرڻ ضروري آهي، هاڪاري سياست ڪريو، ناڪاري سياست ڪري ملڪي مفاد کي داءَ تي نه لڳايو. اسحاق ڊار چيو ته تحريڪ انصاف جي وزير جي غير ضروري بيان پي آءِ اي کي نقصان پهچايو، سڄي دنيا ۾ پي ٽي آءِ جي وزير جي بيان سبب خواري کي منهن ڏيڻو پيو. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته تحريڪ انصاف حڪومت جي وزير جي غير ضروري بيان پي آءِ اي کي يورپ ۾ بند ڪري ڇڏيو، پوري ڪوشش ڪري رهيا آهن ته قومي ايئر لائن جلد بحال ٿيندي، ملڪ ۽ ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ هڪ سياسي پارٽي طرفان هر طريقو استعمال ڪيو ويو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
26.7 ° C
26.7 °
26.7 °
48 %
1.4kmh
16 %
سُومر
30 °
اڱارو
35 °
اربع
35 °
خميس
34 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون