- Advertisement -
آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي قربانين کي هو قدر جي نظر سان ڏسن ٿا.
اسلام آباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز ۾ خطاب ڪندي آمريڪي سفير چيڳ ته آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي خاص طور ٽي ٽي پي ۽ ٻين تنظيم خلاف پاڪستان کي سپورٽ ڪري ٿو.
هن چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان ۾ ڀائيواري جي وڏي تاريخ آهي، چيو ويندو آهي ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن جو مهور سڪيورٽي مسئلا آهن، پر ائين هرگز ناهي، هو پاڪستان کي معيشت، صحت، تعليم، قدرتي آفتن ۽ ثقافتي طور به سپورٽ ڪن ٿا.
آمريڪي سفير چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڪاٿو 9 ارب ڊالر کان وڌي ويو آهي ۽ آمريڪا پاڪستان جي آءِ ايم ايف سان پروگرام کي سپورٽ ڪري ٿو، جڏهن ته آمريڪا منگلا ڊيم کي نئين ٽربائنز سان اپگريڊ ڪري رهيو آهي.
ڊونلڊ بلوم چيو ته هو صاف پاڻيءَ جي فراهمي ۾ 250 ملين ڊالر سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن، جڏهن ته 85 ملين ڊالر مال نيوٽريشن جي خاتمي تي لڳايو پيو وڃي، آمريڪا پاڪستان ۾ تعليم واري شعبي ۾ به سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي.
آمريڪي سفير چيو ته آمريڪا گنڌارا تهذيب جي تحفظ کي به سپورٽ ڪري رهيو آهي، ڪيترن ئي ورهين ۾ آمريڪا پاڪستان ۾ قدرتي آفتن، ٻوڏن ۽ معاشي طور به سپورٽ ڪيو ،آمريڪا پاڪستان جي خانگي شعبن جي صلاحيت جي به تعريف ڪري ٿو.- Advertisement -
