تازه ترين

هو چاهي ٿو ته جڏهن به مارشل لا جو خطرو هجي عدالتون کليل رهن: جسٽس اطهر من الله

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته جڏهن به مارشل لا جو خطرو هجي عدالتون کليل رهن. نيويارڪ بار کي خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته هو ٽي وي چئنل جو نالو نه ٿو وٺڻ چاهي، جنهن  بي اعتمادي واري رٿ وقت اهڙو ماحول ٺاهيو، جيئن مارشل لا لڳو ٿيڻ واري آهي. هن چيو ته ڪاش عدالتون 5 جولاءِ تي به کليل هجن ها جڏهن ته چونڊيل  وزيراعظم کي هٽايو ويو ۽ 12 آڪٽوبر تي به کليل هجن ها، جڏهن مشرف چونڊيل وزيراعظم کي ڪڍي ٻاهر اڇلايو. جسٽس اطهر من الله چيو ته 2022ع ۾ تڏهوڪي وزيراعظم کي هٽائڻ جي ڪوشش ٿئي ها ته اهو اسلام آباد هائيڪورٽ جو امتحان هجي ها ته اها آئين جي بالادستي لاءِ بيهي ٿي يا نه؟ سپريم ڪورٽ جي جج چيو ته جڏهن هن نوٽ لکيو ته سندس ٻن پٽن جي ذاتي ڊيٽا سوشل ميڊيا تي وڌي وئي، اها ڊيٽا هڪ سرڪاري اداري وٽان حاصل ڪئي وئي، سندس گهرواري جنهن جو سياست سان ڪو به تعلق ناهي، ان تي دستاويزي فلم ٺاهي حملو ڪيو ويو، هڪ جج جي آزمائش هوندي آهي، اها ججن جي آزديءَ جي ٽيسٽ هوندي آهي. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪي ماڻهو  2022ع تائين سندس خلاف پروپيگنڊا ڪري رهيا هئا، اهي اچتو تبديل ٿي ويا،  اڄ اهي پروپيگنڊا ڪري رهيا آهن، جن ان وقت اسلام آباد هائيڪورٽ مان فائدو ورتو هو. سپريم ڪورٽ جي جج چيو ته ان وقت ملڪ جي ڪا به هائيڪورٽ رليف نه ڏئي رهي هئي، اهو جج جو امتحان هوندو آهي جنهن سان جج ۽ عدالت تي عوام جو اعتماد وڌندو آهي، ڪنهن به جج کي تنقيد کان ڊڄڻ نه گهرجي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.1 ° C
24.1 °
24.1 °
53 %
3.6kmh
0 %
سُومر
34 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون