- Advertisement -
وفاقي گهرو وزير سينيٽر محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگردي جي تازين ڪاررواين ۾ معاهدي تحت ڇڏيل ماڻهو ملوث آهن، اهي افغانستان مان ويهي ڪارروايون ڪري رهيا آهن.
سينيٽ جي گهرو وزارت بابت ڪميٽي ۾ بريفنگ ڏيندي محسن نقوي چيو ته بلوچستان ۾ ڪو به آپريشن نه پيو ڪيو وڃي، 26 آگسٽ وارو واقعو ڪالعدم تنظيمن ڪيو.
هن چيو ته ايف سي ڪيمپ تي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ حملو ايترو شديد هو جو ان عمارت جا 14 ٽاور آهن، سمورن تي فائرنگ ٿي رهي هئي، پر سندن فورسز مقابلو ڪيو.
گهرو وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ڳجهي اطلاع تي ڪارروايون ڪيون پيون وڃن، جتي به دهشتگردن جي موجودگيءَ جو اطلاع ملندو آهي، اتي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.
محسن نقوي چيو ته دهشتگردي جا واقعا وڌڻ جو هڪ وڏو سبب افغانستان مان ويهي ڪارروايون ڪرڻ آهي، افغانستان ۾ ٽي ٽي پي وارا وڏي پئماني تي گڏ ٿي رهيا آهن.
وفاقي گهرو وزير چيو ته پاڪستان خلاف ڪارروايون اڪثر اهي ئي ماڻهو ڪري رهيا آهن جن کي معاهدي تحت ڇڏيو ويو.
ڪچي جي صورتحال تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ڪچي جي ماڻهن جو بندوبست ڪرڻو پوندو، پر ڪچي ۾ آپريشن کان اڳ هو صوبن سان ڳالهائڻ چاهن ٿا.
گهرو وزير چيو ته پنجاب ۽ سنڌ سان ان معاملي تي ڳالهيون ٿي رهيون آهن، ٻئي صوبا چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن علائقو ڪليئر ڪرايو وڃي ته پوءِ اهڙا قدم کنيا وڃن جنهن سان ٻيهر اهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي.- Advertisement -
