تازه ترين
- Advertisement -
سنڌ مدرسته الاسلام جي 140هين قيام جي ٽن ڏينهن وارين تقريبن جي آخري ڏينهن تي وائس چانسلر ڊاڪٽر مجيب صحرائي ڪافي هائوس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته ڪافي هائوس سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي سهولتن ۾ هڪ سٺو اضافو آهي. هن چيو ته سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي سندن قومي، سندن ثقافت ۽ تاريخ جو حصو آهي، اداري کي محفوظ ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن. ڊاڪٽر مجيب صحرائي چيو ته اداري جي خوبصورتي ۽ تاريخي عمارتن جي سار سنڀال جي ذميواري نڀائڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هي عمارتون اداري ۽ ملڪ جو وڏو اثاثو آهن. هن چيو ته هو سنڌ مدرسة الاسلام يونيورسٽيءَ جي 124 سال پراڻي عمارت ٽالپر هائوس جي بحاليءَ وارو ڪم ڪرڻ تي سندن انڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ کي ساراهين ٿا ۽ اميد ڪريون ته ٿا اي ايف ٽي سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي مکيه عمارت جي مرمت جو به ڪم ڪندي. وائس چانسلر يونيورسٽي جي ورڪس اينڊ سروسز ڊپارٽمينٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته هو انگريزن جي دور ۾ ٺهيل سنڌ مدرسته الاسلام يونيورسٽي جي پراڻين عمارتن جي سار سنڀال ڪن ڇو ته هن تاريخي عمارت جي سار سنڀال ۽ حفاظت اسان جي گڏيل ذميواري آهي. ٻئي طرف سنڌ مدرسته الاسلام جي 140هين قيام واري ڏينهن جي حوالي سان ڊائريڪٽوريٽ آف اسٽوڊنٽس افيئرس اينڊ ڪائونسلنگ پاران يونيورسٽيءَ جي شاگردن لاءِ ٽيبل ٽينس ٽورنامينٽ پڻ منعقد ڪئي ويئي. تعليمي معاملن بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ خان ۽ ڊائريڪٽر ڊي ايس اي محمد نعيم احمد رانديگرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
44 %
0.1kmh
0 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
32 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون