تازه ترين

دهشتگرد نور ولي محسود ۽ غٽ حاجي جي آڊيو منظر عام تي اچي وئي

- Advertisement -
دهشتگرد نور ولي محسود ۽ غٽ حاجي جي آڊيو منظر عام تي اچي وئي. آڊيو ۾ نور ولي محسود، غٽ حاجي تي پاڪستان مان دهشتگرد واپس نه آڻڻ لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو آهي. نور ولي محسود جو چوڻ آهي ته مجاهدن کي اطلاع ڪري ڇڏيو ته سندن طرفان واپسي جي ڪنهن کي به اجازت ناهي، هر هڪ پنهنجو پاڻ کي تيار رکي، مجاهدن کي رستو تبديل ڪرڻ جي اجازت ناهي. دفاعي ماهرن جو چوڻ آهي ته ليڪ آڊيو واضح ثبوت آهي ته دهشتگردن جا سربراهه افغانستان ۾ لڪل آهن، دهشتگردن جا افغانستان ۾ محفوظ ٿاڪ افغان طالبان جي مدد کانسواءِ ممڪن ناهن. دفاعي ماهرن موجب، دهشتگرد افغان ڌرتي تان پاڪستان ۾ دهشتگرد حملا ڪندا آهن، ليڪ آڊيو ظاهر ڪري ٿي ته هيٺين درجي جا دهشتگرد افغانستان ۾ ويٺل آقائن کان تنگ اچي چڪا آهن، ثابت ٿي چڪو آهي ته دهشتگرد ۽ افغان طالبان هڪ ئي سڪي جا 2 رخ آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
63 %
3.1kmh
7 %
آچر
27 °
سُومر
33 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون