- Advertisement -
اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ پ پ شهيد ڀٽو جي سربراهه شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي پڳدار پٽ ذوالفقار ڀٽو جونيئر وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو آهي.
ٽيليفون تي رابطي دوران سنڌ سميت ملڪ جي مجموعي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون ويون.
ٻنهي اڳواڻن سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
غلام مرتضيٰ جتوئي جو چوڻ آهي ته اوهان جي وڏڙن سان سندن سياسي ۽ گهرو واسطا رهيا آهن، ڪيسن کي عدالتن ذريعي منهن ڏنو پيو وڃي، ظلم جي رات پڄاڻي ٿيندي.
ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته نئين پارٽي ۽ سياست ۾ اچڻ جي آجيان ڪرڻ تي هو اوهان جو ٿورائتو آهي.
سندس چوڻ هو ته هو اوهان مٿان داخل ڪيسن جي مذمت ڪن ٿا.
ذوالفقار ڀٽو جونيئر چيو ته 16آگسٽ کانپوءِ ڪراچي ۾ ملاقات ڪري مستقبل جي حڪمت عملي جوڙي ويندي.- Advertisement -
