- Advertisement -
رائيٽ سائزنگ ڪميٽيءَ جي سفارش تي سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع ۾ ترميم تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪميٽي جي سفارشن سان 60 هزار تائين سرڪاري ملازم متاثر ٿي سگهن ٿا، متاثرن آفيسرن ۽ اهلڪارن کي ٻين ادارن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جو پروگرام جوڙيو پيو وڃي.
ذريعن موجب، پهرين مرحلي ۾ متاثر ملازمن کي سر پلس پول ۾ اماڻيو ويندو ۽ ٻي مرحلي ۾ سرپلس ملازمن کي ٻين کاتن ۾ اماڻيو ويندو، سرپلس آفيسرن ۽ ملازمن کي گولڊن هينڊ شيڪ به ڏنو ويندو.
دستاويزن ۾ چيو ويو آهي ته سول سرونٽس ايڪٽ جي سيڪشن 2 ۽ 11 ۾ ترميم ڪئي پئي وڃي، سول سرونٽس جو سيڪشن ٻن ملازمن جي مقرري جي شرطن بابت آهي، جڏهن ته سيڪشن 11 ملازمن کي ختم ڪرڻ پينشن جي معاملن بابت آهي.
دستاويزن موجب، فنانس ڊويزن سرونٽس ايڪٽ جي سيڪشن 19 ۾ هڪ شق جي اضافي جي راءِ ڏني، فنانس ڊويزن جي تجويز موجب وفاقي حڪومت کي اهو اختيار هجي ته ضرورت پوڻ تي پينشن جي موجوده فائدن ۾ گهٽتائي، اضافو يا ختم ڪري سگهي، ترميمي مسودو اسٽيبلشمينٽ ڊويزن تيار ڪري چڪي آهي جنهن جي منظوري ڪابينا کان ورتي ويندي.- Advertisement -
