سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ يا سڀاڻي چوماسي جي برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي

- Advertisement -
سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ يا سڀاڻي چوماسي جي برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. نار بنگال کان پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙ هوائون اڄ يا سڀاڻي گجگوڙ سان برسات جو سبب بڻجي سگهن ٿيون، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ برسات جو امڪان آهي. موسياتي کاتي نئين اڳڪٿي جاري ڪري ڇڏي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خدشو آهي. پي ڊي ايم اي موجب، چارسده، هنگو، ڪرم، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان، بنون ۽ ڊي آءِ خان ۾ برسات جو امڪان آهي جڏهن ته مٿانهين وارن ضلعن ۾ لينڊ سلائينڊنگ ۽ وچ ميداني علائقن ۾ چاڙهه ۽ شهري ٻوڏ جو به خطرو آهي. صوبائي ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي سمورن ضلعن جي انتظاميا کي موسمي صورتحال کي نظر ۾ رکندي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، ضلعي انتظاميا کي ننڍي وڏي مشينري جي دستيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سامونڊي طوفان اسنيٰ گوادر کان 370 ڪلو ميٽر پري ٿي ويو، موسميات کاتي ٽراپيڪل سائيڪلون جو ڏهون الرٽ به جاري ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سامونڊي طوفان اتر اولهه عربي سمنڊ ۾ موجود آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي بلوچستان جي مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. سنڌ جي مهاڻن کي سمنڊ ۾ وڃڻ جي اجازت ملي وئي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ برسات بعد نيڪال جو نظام ۽ روڊ تباهه ٿي ويا آهن، شاهراهن تي هنڌ هنڌ کڏا پئجي ويا، گندو ۽ برسات جو پاڻي به اڃا تائين روڊ تي موجود آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.1 ° C
20.1 °
20.1 °
45%
2.2m/s
0%
اڱارو
29 °
اربع
31 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون