راولپنڊي ۾ شيخ رشيد جو رهائش گاهه لال حويلي خالي ڪرائڻ بعد سيل

spot_img
- Advertisement -

راولپنڊي ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد جي رهائشگاهه لال حويلي کي خالي ڪرائڻ بعد سيل ڪيو ويو.

وقف ڪيل ملڪيت واري بورڊ ايف آءِ اي ۽ پوليس نفري جي موجودگي ۾ آپريشن ڪيو.

وقف ڪيل ملڪيت واري بورڊ لال حويلي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو ۽ لال حويلي ٻاهران ايويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ جي سڪيورٽي مقرر ڪيا ويا.

ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان چيو ته شيخ رشيد ۽ سندس ڀاءُ وقف ڪيل ملڪيت واري بورڊ جي پراپرٽي تي غير قانوني قابض آهن، لال حويلي سان لاڳاپيل دستاويز پيش ناهن ڪري سگهيا.

هن چيو ته لال حويلي کي مڪمل طور تي سيل ڪيو ويو آهي، لال حويلي جو ڊي 158 سڄي حويلي کي ظاهر ڪري ٿو.

وقف ڪيل ملڪيت واري بورڊ جي ڊپٽي ايڊمنسٽريٽر آصف خان چيو ته شيخ رشيد ۽ شيخ صديق جيڪي دستاويز پيش ڪيا آهن اهي قبول ڪرڻ جوڳا ناهن، لال حويلي کي خالي ڪرائڻ جو فيصلو وقف ڪيل ملڪيت واري بورڊ جي چيئرمين جاري ڪيو، فيصلي جي روشني ۾ لال حويلي ۾ آپريشن ڪيو ويو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9 ° C
9 °
9 °
27%
2m/s
0%
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °
سُومر
15 °

تازه ترين خبرون