- Advertisement -
جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آءِ پي پيز سان معاهدو غيرقانوني آهي، قومي آڏو آڻيندا، اڄ ڌرڻي کي 4 ڏينهن ٿي ويا آهن، هي تاريخي ڌرڻو عزم، همت ۽ حوصلي جو پيغام بڻجي دنيا آڏو اچي رهيو آهي، بجلي جا بم ڪري رهيا آهن پر ڪير به پڇڻ وارو ناهي، هاڻي ڳالهه آپگهات تائين پهچي چڪي آهي، سياسي پارٽين جي ذميواري هوندي آهي ته عوام تي ٿيندڙ ظلم کي چئلينج ڪن.
راولپنڊي ۾ جماعت اسلامي جو مهانگائي ۽ بجلي جي بلن ۾ ٽيڪسن خلاف ڌرڻو چوٿين ڏينهن به جاري آهي جڏهن ته جماعت اسلامي ڳالهين جي ڪاميابيءَ تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، حڪومت ۽ جماعت اسلامي قيادت ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اڄ ٿيندو.
راولپنڊي ۾ ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته جيڪو ماحول ٺاهيو ويو آهي، جماعت اسلامي کانسواءِ ڪو ٻيو عوامي مسئلن بابت آواز نه اٿاري رهيو آهي، جماعت اسلامي فيصلو ڪيو آهي ته 25 ڪروڙ عوام جي ترجماني ڪندي.
سندس چوڻ هو ته هو پرامن مزاحمت ڪندي مري روڊ تي موجود آهن، افسوس آهي ته لاهور ۾ عورتن سان اڻوڻندڙ ورتاءُ ڪيو ويو، عورتن کي ناڪابندي ڪري روڪيو ويو آهي، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون رنڊڪون وجهي پنهنجي لاءِ مسئلا پيدا ڪن پيون.
جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته هو مطالبو ڪري رهيا آهن ته رنڊڪون هٽائي عورتن کي ڌرڻي ۾ شرڪت جي اجازت ڏني وڃي، ملڪ ٽڪراءَ جو رستو برداشت نٿو ڪري سگهي، ڳالهين ۾ حڪومت اڳيان پنهنجا مطالبا رکي ڇڏيا آهن.- Advertisement -
