- Advertisement -
راولپنڊي ۾ چڪري ڀرسان سي ٽي ڊي ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٽي خارجي دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ مارجي ويا.
ترجمان موجب، سي ٽي ڊي دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروائي ڪئي جنهن دوران دهشتگردن سي ٽي ڊي ٽيم تي فائرنگ ڪئي.
سي ٽي ڊي ترجمان موجب، ٽئي دهشتگرد پنهنجي ئي ساٿين جي فائرنگ ۾ ماريا ويا جڏهن ته ٻه ڄڻا اونڌاهي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا.
سي ٽي ڊي ترجمان جو چوڻ آهي ته، دهشتگردن وٽان آپگهاتي جيڪيٽ، سيفٽي فيوز وائر، رائفلون، آءِ اي ڊي بن، گوليون ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو.
ترجمان ٻڌايو ته سي ٽي ڊي ٽيمن چڪري ڀرسان ناڪابندي ڪئي آهي، فرار دهشتگردن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي.
سي ٽي ڊي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته دهشتگردن جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، دهشتگرد راولپنڊي تي وڏي حملي جي منصوبابندي مڪمل ڪري چڪا هئا.
واضح رهي ته نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم اٿارٽي (نيڪٽا) 24 نومبر تي پي ٽي آءِ جي احتجاج دوران خوارجين جي امڪاني دهشتگرد ڪاررواين جو ريڊ الرٽ جاري ڪيو هو…..- Advertisement -
