تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ هائيڪورٽ ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ بابت ٻڌڻي

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ، سرڪاري اسڪولن ۾ مفت ڪتابن جي ورڇ بابت سيشن ججن جي رپورٽ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي کاتي اندر ھلندڙ فارين فنڊنگ ڪيسن جي نگراني لاءِ چيف سيڪريٽري جي ھدايتن تحت ڪميٽي جوڙڻ جي ھدايت ڪئي آهي. سنڌ هائيڪورٽ ۾ درسي ڪتابن جي کوٽ بابت جي ٻڌڻي جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس امجد علي سهتو ڪئي. سرڪاري اسڪولن ۾ مفت ڪتابن جي ورڇ بابت سيشن ججن جي رپورٽ تي بھ ھائيڪورٽ عدم اطمينان ظاھر ڪري ڇڏيو درخواست ڏيندڙ وڪيل اشفاق پنھور ڊيپوٽيشن تي مقرر آفيسرن کي واپس نھ موڪلڻ واري معاملي تي سپريم ڪورٽ ۾ بھ ڪيس جي پيروري ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. نيب مان آيل پي ڊي رضوان سومرو، پاپوليشن مان آيل حليم سومرو ۽ عاشق حسين ڊيپوٽيشن رد ڪندي کين واپس اصل کاتي ۾ موڪلڻ واري ھائيڪورٽ جي حڪم کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو. سنڌ ھائيڪورٽ ڪراچي بينچ ۾ درسي ڪتابن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ حسن اڪبر عدالت جي پڇڻ تي اھڙي آگاھي ڏني هئي. ٻڌڻي دوران فارين فنڊنگ پراجيڪٽس بابت رمارڪس ڏيندي جسٽس صلاح الدين پنھور چيو تھ پنج منصوبا سي ايم آءِ ٽي جي چيئرپرسن شيرين ناريجو جي نگراني هيٺ ڏنا وڃن؟ هن چيو تھ اهي پراجيڪٽ ٻن يا ٽن سٺن آفيسرن جي نگرانيءَ ۾ ڪيا وڃن ته جيئن چيڪ اينڊ بيلنس رکي سگهجي. عدالت چيف سيڪريٽري سان صلاح مشوري کانپوءِ اي جي سنڌ کي فارين فنڊنگ پراجيڪٽن تي ڪميٽي جوڙڻ جو اطلاع ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو تھ سيشن ججن جي رپورٽ موجب اسڪولن ۾ 80 سيڪڙو ڪتاب ورھايا ويا آهن. درخواست ڏيندڙ ايڊوڪيٽ اشفاق پنھور چيو تھ انصاف لاءِ هو سپريم ڪورٽ تائين بھ ويندا، سنڌ سرڪار عدالت جي حڪمن تي عمل ڪندي ڊيپوٽيشن تي آيل آفيسر واپس موڪلڻ لاءِ تيار ناھن. اشفاق پنھور اھو بھ چيو تھ فارين فنڊنگ پراجيڪٽن جي آڊٽ رپورٽ ڏيڻ لاءِ بھ تيار ناھن، ھزارين ارب روپين جو حساب نھ ٿا ڏيڻ چاھن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
31 %
3.6kmh
30 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون