- Advertisement -
راڻيپور ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.
درازا لنڪ روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو.
پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو.
پوليس جو چوڻ آهي ته زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري جي ڊيشان عرف ڊيشو ملاح طور سڃاڻپ ٿي آهي جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب، گرفتار جوابدار وٽان پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪيون ويون آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار خلاف سرڪاري فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي…..- Advertisement -
