- Advertisement -
راڻيپور ۾ وائس آف راڻيپور ۽ هندو پنجائت پاران پريا ڪماري ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ قومي شاهراهه تي لڳايل ڪيمپ اڄ 26هين ڏينھن به جاري رهي .
ڊاڪٽر نذير کوکر، روشن لغاري، نويد سهتي، عطا محمد ڀٽو، ساجد مڱريي، سڪندر سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته هو 26 ڏينهن کان پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن، پريا ڪماري جا بازيابي لاءِ سڀاڻي راڻيپور کان سکر تائين پيادل مارچ شروع ڪيو ويندو.
اڳواڻن پاران پيادل مارچ ۾ شرڪت لاءِ شهرين کي دعوت نامه ڏنا ويا……- Advertisement -
