تازه ترين

روس، شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد ۽ سندس خاندان کي انساني همدردي جي بنياد تي پناهه ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
روس، شام جي اڳوڻي صدر بشار الاسد ۽ سندس خاندان کي انساني همدردي جي بنياد تي پناهه ڏئي ڇڏي آهي. روسي ميڊيا ڪريملن ذريعن جو حوالو ڏيندي چيو ته شام جو اڳوڻو صدر بشار الاسد ۽ سندس ڪٽنب روس ۾ آهي، ان کان اڳ بشار الاسد جي جهاز حادثي ۾ فوت ٿيڻ جون خبرون سامهون اچي رهيون هيون. واضع رهي ته شامو اپوزيشن فورسز مختلف شهرن کانپوءِ راڄڌاني دمشق تي به ڪنترول حاصل ڪري ورتو آهي ۽ صدر بشار الاسد ملڪ مان فرار ٿي ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب شام جي راڄڌاني دمشق ۾ باغين جي داخل ٿيڻ کان اڳ بشار الاسد جهاز ۾ اڻڄاتل هنڌ روانو ٿي ويو هو. آمريڪي اخبار نيو يارڪ ٽائمز پنجهنجي رپورٽ ۾ دعوى ڪئي هئي ته بشار الاسد 8 ڊسمبر جي صبح جو دمشق مان فرار ٿي ويو آهي پر سندس لوڪيشن بابت ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو هو. بشار الاسد جي جهاز جي موجود ٻن منٽن جي ريڊار ڊيٽا موجب اڳوڻي شامي صدر جي جهاز کي مسلسل 8 هزار 725 فٽن جي بلندي تان هيٺ لهندو ڏٺو ويو، جهاز جي رفتار 819 ڪلوميٽر في ڪلاڪ کان 159 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ پوءِ اها رفتار 64 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين پهچي وئي. آخر ۾ بشارالاسد جي جهاز حادثي جون سموريون خبرون افواهون ثابت ٿيون ۽ هو پنهنجي خاندان سميت روس پهچي ويو
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
9 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
scattered clouds
30.6 ° C
30.6 °
30.6 °
34 %
2.3kmh
40 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
31 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون