- Advertisement -
سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف گهگهر ڦاٽڪ کان گورنر هائوس تائين ريلي ڪڍي پئي وڃي، ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته سنڌ جو پاڻي بند ٿيو ته زندگي مڪمل طور ختم ٿي ويندي، خبر ڪير حڪمرانن کي سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪئنال ڊاهڻ جا مشورا ڏئي رهيو آهي، سنڌو درياهه تي ڪنهن به قسم جو ڪئنال برداشت نه ڪيو ويندو.
سنڌ ترقي پسند پارٽي طرفان سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف ملير جي علائقي گهگهر ڦاٽڪ کان گورنر هائوس تائين ريلي ڪڍي پئي وڃي.
ملير ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ٽي پي سربراهه قادر مگسي چيو ته هو هن وقت تائين سنڌو درياهه تي لڳندڙ ڌاڙي خلاف مختلف شهرن ۾ 11 احتجاج ڪري چڪا آھن، هي ٻارهون احتجاج آھي.
سندس چوڻ هو ته پاڻي زندگي جي بنيادي ضرورت آھي جيڪڏھن اهو بند ٿئي ته انسان ڪيئن جيئندو، زندگي جو ڪاروهنوار ڪيئن هلندو، حڪمرانن کي الائي ڪير اهڙا مشورا ڏئي پيو ته سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهيو.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته جنرل ضياءَ کان مشرف تائين هنن سنڌو درياهه تي ڊيم ۽ ڪينال ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر سنڌ جي ماڻھن رد ڪيو، حڪمرانن نئين اٽڪل ڪڍي آھي سنڌي ماڻھو ڊيم ٺاهڻ نٿا ڏين ته ڪئنال ڪڍي پنجاب جون غير آباد زمينون آباد ڪيون.
هن چيو ته حڪمرانن چاهن ٿا ته ريگستان آباد ٿين ۽ سنڌ جون آباد زمينون غير آباد ٿين، سندن ٻيو ڪو رستو ناهي، پرامن جدوجهد تي يقين رکن ٿا، طالبان ناھن جو روڊن تي هٿيار کڻي نڪرن.
سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جا ماڻهو پر امن جدوجهد تي يقين رکن ٿا، ايندڙ نسل لاءِ سنڌو درياهه تي ڪوبه ڪئنال برداشت نه ڪندا، سموريون سياسي پارٽيون پنهنجي پليٽ فارم تان جدوجهد ڪري رهيون آھن بعد ۾ ھڪ آواز ٿي رهزني جو مقابلو ڪندا……..- Advertisement -
