- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته روس ۽ يوڪرين جي جنگ جي خاتمي جي بلڪل ويجهو آهن.
وائيٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي امريڪي صدر چيو ته يوڪريني ۽يورپي قيادت سان روس-يوڪرين جنگ بندي تي ڳالهه ٿي آهي ۽ امريڪي امن منصوبي کي يورپي اڳواڻن جي حمايت حاصل آهي.
سندس چوڻ هو ته برلن ۾ ٿيل تازين ڳالهين کانپوءِ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، جنگ بندي تي روسي صدر پيوٽن سان به ڳالهايو آهي.
ٻئي پاسي يورپي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته مستقبل ۾ يوڪرين ۾ سڪيورٽي ضمانت سان گڏ ملٽي نيشنل امن فوج مقرر ڪئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، امريڪا، نيٽو ۽ يورپين قيادت سان گڏ 10 اهم يورپي اڳواڻڻ برلن ۾ صدر زيلنسڪي سان ملاقات بعد گڏيل صحيح سان بيان جاري ڪيو.
گھڻ ملڪي فورس جي حوالي سان واضع ڪيو ويو ته امڪاني امن فوج جي مقرري اميرڪا ۽ طاقتور يورپي اڳواڻنطرفان ڏنل ضمانتن جو حصو هوندي جنهن سان جنگ ختم ڪرڻ کانپوءِ روس مستقبل ۾ معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪندو………….
- Advertisement -
