تازه ترين

روهڙي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر جا ڇاپا

- Advertisement -
روھڙي ۾  هٿرادو مهانگائي تي ضابطو آڻڻ لاءِ عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد احمر علي ۽ مختيارڪار سعيد احمد کونهارو روھڙي شاهي بازار ۾ عام واهپي جي شين جا اگھ چيڪ ڪيا. ريٽ لسٽ کان هٽي ٻيڻي اگھن تي سبزي، فروٽ ۽ ٻيون عام واهپي جون شيون وڪرو ڪندڙ دڪاندارن خلاف ڪاروائي ڪري کين هزارين روپيا ڏنڊ وڌو ويو. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ روھڙي مختيارڪار جو چوڻ هو ته  سرڪار پاران غريب مسڪين ماڻهن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ عام واهپي شين ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي پر بليڪ ميلر دڪاندارن جي هڪ هٽي جي ڪري ساڳيون شيون ٻيڻن اگهڻ تي وڪرو ٿي رهيون آهن. هنن چيو ته عوامي شڪايتن جو سکر ڊپٽي ڪمشنر نوٽيس وٺندي هدايتون جاري ڪيون آهن شهرين کي کاڌي پيتي جي شين ۾ رليف ڏيارڻ هاڻي روزانو جي بنياد تي شهر ۾ سرڪاري ريٽ لسٽون چيڪ ڪيون وينديون جيڪو دڪاندار قانوني ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف سختي سان پيش اچي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31.9 ° C
31.9 °
31.9 °
8 %
5.3kmh
10 %
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °

تازه ترين خبرون